تحفة المسلمين وهدية المومنين

تحفة المسلمين وهدية المومنين

تحفة المسلمين وهدية المومنين

تحفة المسلمين وهدية المومنين: هي ڪتاب فارسي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد خان ٽالپر جعفري جي پٽ مير محمد حسن علي خان ٽالپر جو لکيل آهي. مير حسن علي خان ٽالپر هي ڪتاب عيسائين جا اسلام تي لڳايل الزامن جي جواب ۾ لکيو. مير صاحب هن ڪتاب کي پنجن بابن ۾ ورهايو آهي، پهرين باب ۾ تاليف جو سبب ڄاڻايل آهي، ٻئي باب ۾ توريت، انجيل ۽ زبور مان لڳايل الزامن جو جواب ڏنو ويو آهي. چوٿين باب ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي نبوت بابت آسماني ڪتابن مان بشارتون ۽ عبارتون پڻ ڏنل آهن ۽ پنجين باب ۾ چئني بابن جو تفصيلي نچوڙ ڏنل آهي. ڪتاب جي تقريظ علامه مولانا سيد علي حائري رضوي جي لکيل آهي ۽ شمس الهند پريس لاهور مان 1316هه/1898ع ۾ شايع ٿيو. مير حسن علي خان ٽالپر جيڪي به ڪتاب ڇپرائيندو هو سي سڄي سنڌ ۽ هند ۾ ’في سبيل الحسين‘ ورهائيندو هو. اٺانوي صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ناياب ڪتاب ’تحفة المسلمين وهدية المومنين‘ جي آخر ۾ شمس الهند پريس جي مالڪ منشي محمد شمس الدين ’شائق‘ ڇپجڻ واري سال بابت هڪ طويل قطعه تاريخ چئي آهي، هن قطعه تاريخ ۾ محمد شمس الدين مقطع جي آخري مصرع مان ڇپجڻ وارو سن 1316هه ڪڍيو آهي. قطعه تاريخ جو آخري شعر هن طرح آهي: بغايت ادب عرض کن ”شايقا“ ”بيان مبين تحفة المسلمين“ 1316هه (1898ع)


هن صفحي کي شيئر ڪريو